خليفو سيد محمد باقر شاهه

خليفو سيد محمد باقر شاهه: خليفو صوفي سيد محمد باقر شاهه عرف ٻاوا ڏونگر پوري جوڌپُور رياست جو سنڌيءَ جو هڪ اهم شاعر ٿي گذريو آهي. هي شاهه عنايت شهيد جو خليفو هو. سندس ڀڄن اڄ به هندستان ريڊيو جي مختلف اسٽيشنن خاص طرح احمد آباد ۽ بڙودا تان نشر ٿيندا رهن ٿا. خليفي صوفي سيد محمد باقر شاهه جي مزار موجوده رياست راجسٿان جي ٻاڙمير شهر ويجهو ڇوٽڻ ۾ آهي، جتي سندس ساليانو ميلو لڳندو آهي ۽ هزارين عقيدتمند کيس خراجِ تحسين پيش ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيندا آهن ۽ درگاهه تي نذراني طور سون ۽ چاندي به ڏئي وڃن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو